پارو چاولا

پارو چاولا: نامور سنڌي اديب ٺاڪر چاولا جي شريڪ حيات، مشهور ليکڪا، شاعر ۽ سماجي ڪارڪن ۽ ڳائڻي پارو چاولا، 19 جولاءِ 1932ع تي ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو. سندس والد ڏيپچند لالواڻي اصل ۾ سيوهڻ جو رهاڪو هو ۽ ريلوي ۾ ملازم هو. پارو چاولا جو ننڍپڻ سيوهڻ ۾ گذريو. هن جو اصل نالو پاروتي آهي. هوءَ 15 سالن جي عمر ۾ ملڪ جي ورهاڱي وقت ڀارت هلي وئي، جتي سندس ٺاڪر چاولا سان 1949ع ۾ شادي ٿي. پارو چاولا مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪئي. سندس مشغلو شاعري ڪرڻ ۽ مضمون لکڻ سندس مشغلو رهيو. سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن، جن ۾: ’ساهڙ لهج سنڀار‘، (1968ع)، ’جيئري لاهه زنجير‘، ’پوءِ پروڙيم پنڌ‘، ’رک جهولڻ تي‘ (1988ع)، ’آءٌ اڪيلي‘، (1992ع)، ’چونڊ سنڌي ڪلام ۽ ڏوهيڙا‘ (1992ع)، ’ستر مڻڪا‘، (2000ع) ۽ ‘Drashand- Drashand’. انهن مان ڪجهه سندس شاعريءَ جا مجموعا ۽ ڪجهه صوفي ڪلامن جي سهيڙ تي مشتمل نثري ڪتاب آهن. سندس ڪتاب ’آءٌ اڪيلي‘ تي سينٽرل هندي ڊائريڪٽوريٽ طرفان انعام مليل آهي. پارو چاولا کي راڳ ۽ سنگيت سان وڏو چاهه رهيو. هن ممبئيءَ ۾ باقاعدي سنگيت جي سکيا ورتي. شاهه لطيف، سچل سرمست، بلهي شاهه، سامي، شيخ اياز، تاجل بيوس ۽ ڪيترن ٻين شاعرن کي ڳايو. هن 15 سالن تائين انڊيا ريلوي ۾ هيڊڪلارڪ طور ملازمت ڪئي. ان کان سواءِ هندي ٻوليءَ جي انسٽرڪٽر پڻ رهي. پنهنجي مڙس سان گڏ ’سيتا سنڌو ڀون‘ ممبئيءَ ۾ هر پندرهين ڏينهن سنڌي ثقافتي شو ڪرائيندي هئي، جنهن ۾ سنڌ ۽ دنيا جا ناليوارا فنڪار سنڌي ڪلام پيش ڪندا هئا. پارو چاولا جا ڪيترا سنڌي ڪلام ڀارت ريڊيو ۽ ”دور درشن“ ٽي ويءَ تان هلي چڪا آهن. فيبروري 2001ع ۾ اڌ صديءَ جي وڇوڙي کان پوءِ ٻئي زال مڙس پنهنجو وطن سنڌ گهمڻ آيا. پارو چاولا 14 آگسٽ 2016ع تي ممبئيءَ ۾ وفات ڪئي.


لفظ پارو چاولاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو